نياڻي پيءَ جي وارث قرار، چاچي جي درخواست رد

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ فوتي جي ڌيءَ کي ملڪيت جو وارث قرار ڏيڻ جي فيصلي تي چاچي جي نظرثاني جي درخواست رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ تله گنگ واسي منير حسين ڀاءُ جي لاڏاڻي کانپوءِ ملڪيت جي ورهاست جي دعويٰ ڪئي هئي. ۽ منير حسين ڀاءُ جي پيءَ کي ويڳي قرار ڏيارڻ ۽ وارثت جي حقدار نه هجڻ جي اپيل ڪئي هئي..  عدالت ڀائٽي کي وراثت ڏيڻ جي فيصلي تي چاچي جي نظرثاني درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ روينيو اٿارٽيز کي فيصلي تي عملدرآمد جو به حڪم ڏنو.چيف جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته ڇوڪري طوبيٰ شهاب کي سندس چاچي زمين لاءِ ڪيس بازي ۾ ڦاسايو، 17 سالن تائين ڌيءُ پيءَ جي گهر ۾ رهي، ان وقت ڪنهن چئلينج نه ڪيو، ان ڪيس بازي جو مقصد ڌيئرن کي زمين نه ڏيڻ ۽ زمين جي هوس آهي.چيف جسٽس چيو ته ڀينرن کي ملڪيت مان ڪڍڻ لاءِ ڀاءُ ويڳو چئي ڇڏيندا آهن، ملڪيت فوتي اظهر حسين جي هئي درخواستگذار جي نه، اهڙي ڪيس بازي جو رستو سدائين لاءِ بند ڪرڻو پوندو. جسٽس فائز عيسيٰ وڌيڪ چيو ته ٻار جي سڃاڻپ جو حق رڳو عورت رکي ٿي ۽ قيامت جي ڏينهن به ٻارن کي انهن جي مائرن جي نالي سان سڏيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.