ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ راڪيٽ جو گولو ڦاٽي پيو، ٻارن سميت 9 ڄڻا فوت

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ گھر جي اندر مس ٿيل راڪيٽ جو گولو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو ٻارن، عورتن سميت 9 ڄڻا فوت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڪنڌڪوٽ جي ڪچي پوليس ٿاڻي گھوڙا گھٽ جي حد ۾ ڳوٺ بگي سبزوئي ۾ صبح جو علي نواز سبزوئي جي گھر ۾ ٻارن پاران ٻاهران آندل راڪيٽ لانچر جو گولو ڌماڪي سان ڦاٽي  پيو جنهن ڪري گھر ۾ موجود ٻارن، عورتن سميت 9 ڄڻا فوت ٿي ويا، فوت ٿي ويلن ۾ اياز احمد، نياز احمد، قربان، شھزادو، زبير، راشد، رخسانه، حنيفه ، خديجه شامل آھن جڏھن ته ھڪ عورت شائسته سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين کي سول اسپتال آندو ويو جتي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد نازڪ حالت ھجڻ ڪري سکر منتقل ڪيو ويو فوتين جا لاش ڳوٺ ۾ ئي پيل رھيا پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي علائقي کي ڪڙو چاڙھي ڇڏيو ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ مير روحل خان کوسو واقعي واري ھنڌ پھچي جائزو ورتو جنهن بعد ايس ايس پي مير روحل کوسو چيو ته مس ٿيل گولو جيڪو ٻارن کي زمين ۾ مليو جيڪو ٻارن گھر آندو جتي ڌماڪي سان ڦاٽڻ ڪري وڏو جاني نقصان ٿيو آهي جنهن بابت پوليس  جاچ شروع ڪري ڏني آھي، فوت ٿي ويلن جي جنازي نمازي اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪئي وئي جنھن ۾ سبزوئي برادري جي ماڻھن سميت علائقي جي معززين پڻ شرڪت ڪئي جنھن بعد سندس جي ڳوٺ ۾ اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.