17 ارب رپين جي ڪرپشن ڪرپشن ۾ ڊاڪٽر عاصم کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر)احتساب عدالت سپريم ڪورٽ جي نيب آرڊيننس ترميم ڪالعدم قرار ڏيڻ کان پوءِ ڊاڪٽر عاصم حسين سميت ٻين خلاف 17 ارب ريفرنس  ڪيس جي ٻڌڻي 7آڪٽوبر تائين مقررڪري ورتي آهي عدالت ڊاڪٽر عاصم ،بشارت مرزا،زوهيب صديقي،شعيب وارٽي ،خالد رحمان،ملڪ عٽمان،يوسف جميل ۽ زيڊ اقبال کي طلب ڪري ورتو آهي .عدالت چيو ته جوابدارن جي خلاف ريفرنس به بحال ٿي ويا آهن .جوبدارن تي گئس جي ٺيڪي ۾ 17 ارب جي ڪريشن جو الزام آهي .

شيخ رشيد احمد، سندس ڀائٽيي ۽ ملازم جي بازيابي بابت آر پي او راولپنڊي کان جواب طلب

راولپنڊي(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ جي جسٽس صداقت علي خان عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد، سندس ڀائٽيي شيخ شاڪر ۽ ملازم جي بازيابي لاءِ دائر پٽيشن تي آر پي او راولپنڊي کي هدايت ڪئي آهي ته هڪ هفتي اندر شيخ رشيد ۽ ان سان گڏ گرفتار ٻن ڄڻن بابت عدالت کي آگاهه ڪري. گذريل ڏينهن شيخ رشيد جي گرفتاري خلاف پٽيشن تي ريجنل پوليس آفيسر راولپنڊي عدالت ۾ پيش ٿيو.

سنڌ پوليس جي ملازمن جي ڀلائي بابت جاري قدمن جو جائزو

ڪراچي(رپورٽر)  سنڌ پوليس جي سربراهه (آءِ جي پوليس) رفعت مختار راجا جي صدارت هيٺ سي پي او ۾ هڪ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سنڌ پوليس جي ملازمن جي ڀلائي  بابت جاري مختلف معاملن ۽ قدمن جو جائزو ورتو ويو. اي آءِ جي ويلفيئر سنڌ اجلاس ۾ بريفنگ ڏني. شهيدن ۽ فوتي پوليس آفيسرن ۽ جوانن جي ڪٽنبن کي مليل مالي امداد/ مدد ،پوليس اسپتالن/ڊسپينسرين کان بنا معاوضي طبي امداد ۽ دوائن جي فراهمي، زخمي ۽ بيمار پوليس ملازمن لاءِ بحالي ۽ الائونس ،پوليس ملازمن جي ٻارن ۽ ٻارڙين کي اسڪولن، يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ ملندڙ اسڪالرشپس ۽ ٻين سهولتن جو ذڪر بريفنگ ۾ بحث هيٺ آيو.

مريم نواز لنڊن کان واپس وطن پهچي وئي

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر مريم نواز لنڊن کان واپس وطن پهچي وئي. ايئرپورٽ تي پارٽي ڪارڪنن سندس استقبال ڪيو. مريم نواز 21 سيپٽمبر تي لاهور کان لنڊن رواني ٿي  هئي. لنڊن ۾ پارٽي قائد ۽ پنهنجي والد محمد نواز شريف سان ملاقات ڪئي.

آذربائيجان ۾ ڌماڪو، 20 ڄڻا اجل جو شڪار، ڪيترائي زخمي

نگورنو ڪاراباخ (م ڊ) آذربائيجان جي شهر نگورنو ڪاراباخ ۾ تيل جي هڪ ڊيپو ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ 20 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. خابرو اداري مطابق  آرمينيا جي اختيارين چيو آهي ته نگورنو ڪاراباخ ۾ ٻارڻ جي هڪ ڊيپو ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ 20 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن جڏهن ته اٽڪل 300 ڄڻن کي اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي جن مان ڪيترن جي حالت اڃا تائين ڳڻتي جوڳي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.