قمبر ۾ پراڻي تڪرار تان ڪراچي واسي نوجوان زال ۽ ٻارن آڏو قتل

قمبر (رپورٽ:محمود شيخ) قمبر ۾ پراڻي تڪرار تان فوتگي تي آيل ڪراچي واسي نوجوان گهرواري ۽ ٻن ٻارڙن جي سامهون نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو قمبر جي ٽيڪسي اسٽيڊ تي نامعلوم موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن   ڪار ۾ سوار مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ مختيار علي چانڊيو ٿڏي تي قتل ٿي ويو جوابدار وچ شهر مان آساني سان فرار  ٿي ويا مقتول مختيار چانڊيو ڪراچي کان شهدادڪوٽ ڪنهن عزيزن وٽ فوتگي جي سلسلي ۾ وڃي رهيو هو قمبر مان ڪار۾ سوار ٿي شهدادڪوٽ طرف وڃي رهيو هو  مٿس ٽيڪسي اسٽيڊ تي نامعلوم موٽر سائيڪل سوار فائرنگ ڪري ڏني ۽ حملي ۾ هو قتل ٿي ويو مقتول جي گهرواري وحيده چانڊيو صحافين کي ٻڌايو ته اسان اصل ڊکڻ جا رهاڪو آهيون ليڪن اتان لڏي ڪراچي رهائش اختيار ڪئي آهي ۽ اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ڪا نه آهي ظالمن سندس مڙس کي ماري ساڻس وڏو ظلم ڪيو آهي مقتول جو لاش قمبر سٽي ٿاڻي جي پوليس پنهنجي تحويل ۾ کڻائي اسپتال پهچايو جتي ضروري ڪارروائي بعد مڙهه سندس وارثن حوالي ڪيو آهي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿيو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.