ڪراچي ۾ شهرين جي فائرنگ ۾ 3 ڦورو مارجي ويا

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڦر لٽ دوران شهرين جي فائرنگ ۾  3 ڦورو مارجي ويا 2 زخمي تفصيل موجب نيو ڪراچي ۾  شھري جي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو ۽ سندس 2 ساٿي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته چوٿون ڦورو فرار ٿي ويو. تفصيل موجب اڱاري جي صبح نيو ڪراچي ۾ صنوبر ڪاٽيج اعظم بيڪري وٽ شهري جي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو، جڏهن ته ٻن ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب مارجي ويلن جي سڃاڻپ 20 ورهين جي ياسين، جڏهن ته زخمين جي سڃاڻپ 27 ورهين جو ڪاشف ولد رمضان ۽ 28 ورهين جي علي رضا ولد مشتاق احمد طور ٿي آهي. پوليس موجب اعظم بيڪري صنوبر ڪاٽيج وٽ ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4  ڦورن نوجوانن کي ڦري رهيا هئا ته هڪ شهري فيضان پنهنجي لائسنس واري پستول سان هٿياربندن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڦورو موقعي تي ئي مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو، مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ ياسين طور ٿي ۽ زخمي جي سڃاڻپ ڪاشف، علي رضا طور ٿي آهي ، جڏهن ته چوٿون ڦورو فرار ٿي ويو .ٽيون ڦورو پنهنجي چوٿين ساٿي سميت زخمي حالت ۾ فرار ٿي ويو، اطلاع تي پوليس پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. ٽئين  ڦورو کي به زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو جوابدار جي سڃاڻپ علي رضا طور ٿي آهي، مارجي ويل ۽ زخمي ٿيلن وٽان هٿ آيل هٿيار، استعمال ٿيل موٽرسائيڪلون ۽ ٻيو چوري ٿيل سامان پوليس هٿ ڪري ورتو آهي. ٻيو واقعو ڪورنگي ۾ پيش آيو، جنهن ۾ زمان ٽائون واري علائقي ۾ ڪورنگي اڍائي نمبر چنيوٽ انسٽيٽيوٽ ويجهو ڦر بعد فرار ٿي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ 2 مبينا ڦورو مارجي ويا، اسپتال ۾ داخل ٿيل هڪ ڦورو جي سڃاڻپ جمال جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته پوليس ٻئي جي سڃاڻپ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.