جوڙيا بازار ۾ ڪارروائي، ڪسٽم اختيارين تي چوري جو الزام

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي کارادر جوڙيا بازار ۾ ڪسٽم، رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي ڇاپي دوران دوڪانن مان غير قانوني  ۽ اسمگل ٿيل سامان هٿ ڪيو ويوان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته ڇاپي دوران وڏي مقدار ۾ اسمگل ٿيل سامان هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن بعد ڪسٽم، پوليس ۽ رينجرز جي نفري پهچي وئي پوليس جو چوڻ آهي ته ڪسٽم عملدارن سمورو سامان پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.ڪسٽم اختيارين تي ڇاپي دوران سامان ۽ روڪ رقم چوري ڪرڻ جو الزام ٻئي طرف پوليس ۽ ڪسٽم رينجرز جي ڪاروائي خلاف دوڪاندار گڏ ٿي ويا دڪاندارن جو چوڻ آهي ته ڪسٽم اختيارين کي غير قانوني سامان کڻي وڃڻ تي ڪو اعتراض ناهي پر ڇاپي دوران ڪسٽم اختياريون قانوني سامان  به کڻي وڃن ٿيون، اسان وٽ سامان جا دستاويز موجود آهن .دڪاندارن الزام هڻندي چيو ته ڇاپي دوران ڪسٽم عملدار سامان ۽ روڪ رقم چوري ڪري وڃن ٿا ، اسان ڪيڏانهن وڃون، ڇا ڪاروبار بند ڪريون،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.