پاڪستان لٽيندڙن جا اثاثا وڪڻي قرض ادا ڪيا وڃن: سراج الحق

ڪوئيٽا(م ڊ)جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته نااهل ۽ ڪرپٽ قيادت جي ڪري ملڪ ڏينهون ڏينهن ڌٻڻ ۾ دٻجي ۽ ڦاسجي  رهيو آهي ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪرپشن آهي پاڪستان جي گورنر هائوسز جي اندر ۽ ٻاهر الڳ دنيا آهن، هن چيو ته موجوده وزيراعظم سينيٽ چيئرمين ۽ چيف جسٽس جو تعلق بلوچستان سان آهي آئون ٽنهي کي چوان ٿو ته بلوچستان جي عوام کي انصاف فراهم ڪن،ڪوئيٽا ۾ مهانگائي خلاف گورنر هائوس آڏو ڌرڻي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پي ڊي ايم، پ پ ۽ پي ٽي آءِ عوام جي نه پر پنهنجي ۽ مافياز جي مفادن جي لاءِ ڪم ڪيو، ملڪ ۾ سستي بجلي پيدا ڪرڻ جا وسيع ذريعا هجڻ باوجود درآمدي فيول پلانٽ لڳايا ويا. پاڻي ھوا ۽ سولر انرجي مان سستي بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي.  بجلي جيڪڏهن سستي ذريعن مان  پيدا ڪئي وڃي ھا ته پنج رپيا في يونٽ بجلي پيدا ٿي سگهي ٿي، هن چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ اضافو واپس ورتو وڃي پيٽرول ۽ گيس جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.