راڻيپور ۾ پريا ڪماري لاءِ احتجاج، شهيد فاطمه کي ڀيٽا

راڻيپور (ن ع آ) پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ وائس آف راڻيپور پاران 19 ڏينهن به ڪئمپ جاري ڪئمپ تي پيرن جي حويلي ۾ قتل ٿيل  فاطمه ڦرڙو جو چاليهو پڻ ڪيو ويو ڪئمپ تي فاطمه جي تصوير آڏو ڏيئا ٻاري گلن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ڪئمپ تي سياسي سماجي شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنھن جي اڳواڻي ڊاڪٽر نذير کوکر، الفت سھتو، سڪندر سرڪي،  ساجد مڱريو ،ايڊوڪيٽ ھالار سرڪي، ايڊوڪيٽ آصف ڄامڙو، سڪندر سرڪي، محمد حسن  ڄامڙو، بلال جاگيراڻي، روشن علي لغاري، منظور علي ميمڻ ،ايڊوڪيٽ آصف ڄامڙو   ٻيا ڪري رهيا هيا ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پريا ڪماري کي 22 مهينا گذري ويا آھن پر سکر جي پوليس صرف وارثن کي ٺلها آسرا ڏئي رهي آھي  سنگرار مان اڄ مجبور ٿي پريا جي امڙ ۽ ٻيا گهر جا ڀاتي لڏڻ تي مجبور ٿيا آھن افسوس آھي نگران حڪومت تي جيڪي ان جي وارثن کي آٿت ڏيڻ لاء تيار ناهن راڻيپور ۾ اسان جي فاطمه کي بي دردي سان قتل ڪيو ويو ڪيس جي هر رخ کان جاچ ٿي رهي آھي پر ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي آھي پوليس 164 جي بيان کانسواء ڪجهه به نه ڪري سگهي آھي اڄ فاطمه جو چاليهو آھي اسان هن جا گنهگار آھيون چاليھ ڏينهن گذري ويا آھن انصاف نه ٿي سگهيو آھي ڪئمپ تي فاطمه جي ايثال ثواب لاء ننگر پڻ تقسيم ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.