لاهور(م ڊ)شيخوپوره جي علائقي قلعه ستار شاهه ريلوي اسٽيشن ويجهو آچر ڏينهن مسافر ٽرين ميانوالي ايڪسپريس ٽريڪ تي بيٺل مال گاڏي سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ريلوي ترجمان موجب شيخوپوره جي علائقي قلعه ستار شاهه ويجهو ميانوالي کان لاهور ايندڙ ميانوالي ايڪسپريس پٽڙي تي بيٺل مال گاڏي سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا، حادثي سبب مسافر ٽرين جون 4 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون، ريلوي عملدارن جو چوڻ آهي ته حادثي تي ريسڪيو جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي ۽ واقعي جي جاچ به شروع ڪئي وئي آهي جڏهن ته حادثي کانپوءِ ٽريڪ صبح ساڍا 7 وڳي ڪليئر ڪيو ويو هو ۽ ميانوالي ايڪسپريس کي به منزل لاءِ روانو ڪيو ويو آهي، ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته زخمين کي طبي امداد لاءِ ڊسٽرڪٽ هيڊڪواٽرز اسپتال شيخوپوره منتقل ڪيو ويو آهي،هوڏانهن ريلوي ترجمان شيخوپوره ۾ ٻن مسافر ٽرينن وچ ۾ ٽڪر ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيڻ جي رپورٽن کي رد ڪري ڇڏيو، هن چيو ته حادثي ۾ ٽرين ۾ سوار سمورا مسافر محفوظ رهيا جڏهن ته دل جو هڪ مريض زخمي ٿيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو،