گيهه ۽ تيل جي اگهه ۾ وڏي لاٿ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل جي اگهه ۾ وڏي لاٿ ٿي وئي.
ڊيلرز ايسوسيئيشن موجب پهرئين درجي جي گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل جي اگهه ۾ 20 رپيا في ڪلو لاٿ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ پهرئين درجي جو گيهه 540 رپين ۽ ڪوڪنگ آئل 550 رپين جو ٿي ويو آهي.
ٻئي درجي جو گيهه 34 رپين تائين سستو ٿيڻ کانپوءِ 454 رپين جو ٿي ويو آهي ۽ ٽئين درجي جو گيهه 356 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.