ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ تي تقريبن 20 سالن کان راڄ ڪندڙ خوبصورت اداڪارا ڪرينا ڪپور سون جو چمچو وات ۾ کڻي پيدا ٿيندڙ شخصيتن ۾ شامل آهي جنهن جي حصي ۾ پيدائش کان ُڍي جواني تائين آسائشون ۽ پوءِ ڪاميابيون ئي ڏسڻ ۾ آيون.
فلمن ذريعي باڪس آفيس تي راڄ هجي يا وري ريمپ واڪ سان ايڊورٽائزنگ تائين جو سفر، ڪرينا پنهنجي ٻن ڏهاڪن تي ٻڌل ڪيريئر ۾ هر فن آزمائي چڪي آهي.
ڀارتي ميڊيا تي تازو ئي ڪرينا جي آسائشن سان ڀريل زندگي بابت هڪ رپورٽ شيئر ڪئي وئي جنهن موجب ڪرينا ڪپور جي ملڪيت جي گڏيل ماليت 440 ڪروڙ ڀارتي رپيا آهي جنهن جو گھڻو حصو هن جي فلمي ڪيريئر کان ايندڙ معاوضي تي ٻڌل آهي.
رپورٽ موجب ڪرينا جي هڪ فلم جو معاوضو 10 کان 12 ڪروڙ ڀارتي رپيا آهي ۽ سندس ماهوار آمدني 2 کان 3 ڪروڙ رپيا آهي.
فلمن کانسواءِ، هو برانڊ جي مشهوري ۽ فوٽو شوٽس مان حاصل ٿيندڙ آمدني به ڪرينا جي ملڪيت جو هڪ اهم حصو وڌائڻ جو سبب آهي، بالي بي بو مبينا طور تي هڪ برانڊ جي مشهوري لاءِ 5 ڪروڙ ڀارتي رپيا وصول ڪندي آهي.
ڪرينا بالي ووڊ جي مشهور ريئلٽي شو ڊانس انڊيا ڊانس جي جج به رهي چڪي آهي، مبينا طور تي هن 3 ڪروڙ ڀارتي رپيا معاوضو ورتو هو.
آسام جي فاچيون ٽاور ۾ هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصو رهڻ کان پوءِ ڪرينا ۽ سيف علي خان پنهنجن ٻارن سان گڏ باندرا ۾ ستگرو شرن جي هڪ اپارٽمينٽ ۾ شفٽ ٿي ويا آهن.
4 ماڙ تي تيار ٿيل اهو اپارٽمينٽ درشني شاهه جو ڊزائين ڪيل آهي جنهن ۾ شاندار آرٽ ورڪ، لائبريري، قديم شيون، ماڊرن طرز جو فرنيچر آهن.
ٻي پاسي ڪرينا ۽ سيف سوئٽزرلينڊ ۾ Gstaad ۾ موڪلون گذارڻ پسند ڪندا آهن پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته بالي ووڊ جوڙو اتي 33 ڪروڙ ڀارتي رپين جي گھر جو مالڪ به آهي.
ڪرينا ڪپور جي گڏيل دولت ۾ اضافو هن جي لگزري ڪارن جو هڪ وڏو حصو به ڪندو آهي، هوءَ مرسڊيز بينز ايس ڪلاس (Benz S-Class) جنهن جي قيمت هڪ ڪروڙ 40 لک آهي، ليڪسز ايل ايڪس (lexus LX 470) جنهن جي قيمت ٻه ڪروڙ 32 لک آهي، هڪ آڊي (Audi Q7) جنهن جي قيمت 1 ڪروڙ 12 لک آهي ۽ هڪ رينج روور اسپورٽ ايس يو وي (Range Rover Sport SUV) جي به مالڪڻ آهي جنهن جي قيمت هڪ ڪروڙ ڀارتي رپيا آهي.