ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي ڪورنگي صنعتي ايريا ٿاڻي جي حد ڪورنگي ۾ـواقع چمڙا چورنگي ڀرسان اي ڊي ايم ڪمپني لڳ نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيءُ ۽ سندس معصوم ڌيءُ قتل ٿي ويا. واقعي بعد ملزم فرار ٿي ويا اطلاع ملندي واقعي واري جاءِ تي پوليس پھچي مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيا، جتي مقتولن جي سڃاڻپ 27 ورھين جو طاھر زمان پٽ محمد منير ۽ سندس 2 سالن جي معصوم ڌيءُ انم گل ڌي طاھر زمان طور ٿي ، پوليس ذريعن موجب مقتولن کي ھڪ ھڪ گولي سندن سيني ۾ لڳي آهي جنهن جي سبب سندن موت ٿيو آهي،آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ڪورنگي کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي .