پنوعاقل(ن ع آ) پني عاقل ڀرسان ڪارنھن الزام ھيٺ نوجوان قتل، ناري کي گم ڪيو ويو، پنوعاقل ڀرسان ڪينٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ صلاحي چاچڙ ۾ ناري پ سان ڪارنھن جو الزام ڏيئي نوجوان نياز عرف ناز چاچڙ کي سخت زخمي ڪيو ويو، زخمي نوجوان کي وارث تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪرڻ کانپوءِ سکر کڻائي ويا، نوجوان جي حالت ڳڻتي جوڳي ھئڻ ڪري سکر کان لاڙڪاڻي نيو پئي ويو ته رستي ۾ ئي دم ڏيئي ڇڏيو، نوجوان جي لاش کي تعلقي اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو، جتي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، ذريعن موجب ناري سان ڪارنھن الزام هيٺ نوجوان نياز عرف ناز چاچڙ مٿان تشدد ڪيو ويوهو ، ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪارنھن الزام هيٺ آيل ناري کي به گم ڪيو ويو آهي، ھوڏانھن حد جي پوليس سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪال نه کڻڻ سبب موقف ملي نه سگهيو.