گهوٽڪي(رپورٽ: آزاد مهر) گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ مراد فقير ۽ منشي الهڏيوايو گهوٽو جي وچ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ الياس ولد ڊاڪٽر سانول گهوٽو قتل ٿي ويو جڏهن ته سندس ڀاءُ همت گهوٽو زخمي ٿي پيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، جڏهن ته ڊي ايس پي ڪچوٻنڊي زاهد ميراڻي مقتول جو لاش ۽ زخمي کي کڻي تعلقه اسپتال پهچايو جتي گهوٽا برادري جي سوين ماڻهو گڏ ٿي ويا, ڊي ايس پي ڪچوٻنڊي زاهد ميراڻي موجب واقعو گهوٽا ڀيري تڪرار تان پيش آيو جنهن ۾ اڳ به انساني جانيون ضايع ٿيون آهن جوابدارن جي گرفتاري لاء ناڪابندي ڪئي وئي آهي