حيدرآباد(رپورٽر) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ۽ پاپولر ليفٽ الائنس جي ڪنوينر امداد قاضي هڪ دفعو ٻيهر بجلي جي في يونٽ ۾ اضافي ڪرڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته موجوده نگران حڪومت جنهن جو مينڊيٽ صرف 90 ڏينهن جي اندر اليڪشن ڪرائڻ آهي ته هو گذريل حڪومتن جي تسلسل کي برقرار رکندي پنهنجن ۽ رياستي ادارن جي خرچن، مفت مالي سهولتن کي ختم ڪرڻ بجاءِ گيس، پيٽروليم مصنوعات، پاڻي ۽ روز مره جي استعمال جي شين ۾ مسلسل اضافو ڪري عام عوام کي معاشي دهشتگردي ۽ سماجي غنڊاگردي جو نشانو بڻائي رهيا آهن، جنهن ڪري عوام جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي،هن چيو ته پاڪستان کي تباهي جي ڪناري تي پهچائڻ جي باوجود هي نگران حڪومت به وڏن وڏن وفدن سان گڏ ڊگها غيرملڪي دورا ڪرڻ ۽ مزاوٺڻ ۾ مصروف آهن. امداد قاضي چيو ته مختلف روايتي سياسي جماعتن کي اقتدار جي لاء استعمال ڪرڻ وارو سمورو مالدار طبقو، انهي جا حاشيه بردار رياستي ادارا، ۽ مالياتي ادارا پاڪستان جي عوام جي مسئلن جو بنيادي ۽ پاڙ آهن،انهي لاء جيستائين انهن سمورن استحصالي حڪمرانن کان نجات حاصل نه ڪئي ويندي تيستائين عوام جا مسئلا حل ٿي نه سگهندا.