ڪراچي: لينڊنگ دوران جهازن تي ليزر لائٽ هڻڻ جا واقعا

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ لينڊنگ ۽ ٽيڪ آف ڪندڙ جهازن تي ليزر لائٽس پوڻ جي واقعن سبب ڪنهن به وقت وڏو حادثو پيش اچڻ جو  خطرو.شھرين لاء چتاءُ جاري. خبر موجب ڪراچي هوائي اڏي تي لينڊنگ ۽ ٽيڪ آف ڪندڙ جهان تي ليزر لائيٽ وجهڻ جي واقعن سبب ڪنهن به وقت وڏو حادثو پيش اچڻ جا خطرا وڌي ويا آھن. اي ٽي سي ذريعن جو چوڻ آھي ته ليزر لائيٽ پوڻ سان جهازن کي لينڊنگ توڙي ٽيڪ آف ڪرڻ ۾ شديد ڏکيائيون پيش اچن ٿيون. گذريل هفتي جهازن تي ليزر لائيٽ هڻڻ جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آھي. جنهن بابت ڏيهي توڙي پرڏيهي اڏامن جي عملي ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول کي آگاه ڪري ڇڏيو آھي. ذريعن موجب جهاز جيئن ئي لينڊنگ ڪرڻ لڳن ٿا ته ليزرلائيٽ جي زد ۾ اچن ٿا. اهڙا واقعا ڪورنگي. شاه فيصل. ماڊل ڪالوني. پهلوان ڳوٺ ۽ سهراب ڳوٺ وٽ پيش آيا آھن. گذريل ڏينهن به ڪراڇي کان جده ۽ دبئي ويندڙ 2 اڏامون ليزر لائيٽ جي زد ۾ آيون. ايئر ٽريفڪ ذريعن شھرين کي چتاء ڏيندي چيو آھي ته اهڙي عمل کان احتياط ڪن ڇاڪاڻ ته ليزر لائيٽ جو پوڻ لينڊنگ ۽ ٽيڪ آف ڪندڙ جهازن لاء انتهائي خطرناڪ ٿي سگهيٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.