ڪراچي اورنگي ٽائون ۾ پوليس جي فائرنگ، ڪار سوار مارجي ويو

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ پوليس جي فائرنگ ۾ ڪار ۾ سوار نوجوان مارجي ويو. پوليس  جو چوڻ آھي ته هنن ناڪي وٽ ڪار کي بيهڻ جو اشارو ڪيو نه بيهڻ تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ڊرائيور زخمي ٿي پيو. جنهن کي اسپتال نيو ويو پر هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.پوليس جو چوڻ آھي ته هڪ شخص موٽر سائيڪل تي گاڏي سان گڏ پئي آيو جيڪو فائرنگ ڪندو فرار ٿي ويو.واقعو اورنگي ٽائون جي اسلام چوڪ ويجهو پيش آيو. پاڪستان بازار ٿاڻي جي پوليس هڪ ڪار سوار مٿان فائرنگ ڪري کيس ماري ڇڏيو. مارجي ويل نوجوان جي سڃاڻپ اجمل جي نالي سان ٿي آھي. مقتول جي سوٽ مزمل جو چوڻ آھي ته اجمل حب چوڪي کان ڪار ۾ سوپاريون کنيو ڪراچي پئي آيو. پوليس کي مٿس فائرنگ نه ڪرڻ گهرجي هان کيس گرفتار ڪري پئي سگهيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.