نوابشاهه (ڊر ) خاصخيلي ڪالوني نوابشاهه ۾ ٻارڙو ابو جان ملڪ گٽر ۾ ڪرڻ سبب فوت ٿي ويو، وارثن پاران سانگھڙ نوابشاهه روڊ تي ٽائر ساڙي احتجاج ڪندي روڊ بند ڪري ڇڏيو ،وارثن جوچوڻ آهي ته اسان جو معصوم ٻارڙو بلديا انتظاميا جي نااھلي سبب فوت ٿيو آهي،گٽر کليل هئڻ بابت ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون هيون پر ان تي ڌيان نه ڏنو ويو