9 ڪروڙ ماڻهن لاءِ راشن سسٽم آڻڻو پوندو: شبر زيدي

اسلام آباد(م ڊ) معاشي ماهر ۽ ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته سوچڻو پوندو ته ملڪ جو بنيادي مسئلو معاشرتي آهي  يا معاشي،ڪرنسي ميڪنزم ۾ قوم ۾ لڳل جوا جي لت مان جان ڇڏرائڻي پوندي، هن چيو ته شهبازشريف کان پڇيو وڃي ته زرعي انڪم ٽيڪس لاڳو ڪرڻ تي پنجاب ۾ اليڪشن هارائڻ جو ڊپ آهي؟پاڪستان ۾ 40 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، پاڪستان 30 جون تي ڊيفالٽ جي پوزيشن تي هليو ويو هو، رياست هلائيندڙن فيصلو ڪيو ته معاشي استحڪام پهرين ترجيح آهي، هن چيو ته ساڍا 9 ڪروڙ غريب ترين ماڻهن کي توهان بک نٿا ماري سگهو، هن چيو ته اٽي، کنڊ، چانهه،دالين تي راشن سسٽم آڻڻو پوندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.