نوازشريف جو جارحاڻي بيانئي تان هٿ کڻڻ کان انڪار

لنڊن(م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف چيو آهي ته پارٽي سخت احتساب جي جارحاڻي بيانئي سان چونڊ ميدان ۾  ايندي.لنڊن ۾ مسلم ليگ ن جي قيادت جي وڏي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن ۾ پهريون ڀيرو مفاهمتي گروپ بدران جارحيت پسند گروپ کٽيو، نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي سياسي بيانئي تي نظرثاني ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب ن ليگ فيصلو ڪيو آهي ته پارٽي احتساب جي داستان سان چونڊ ميدان ۾ ايندي ڇو ته ملڪ جي مستقبل سان کيڏندڙن جي احتساب کانسواءِ پاڪستان ترقي نٿو ڪري سگهي.نواز شريف چيو ته جيڪڏهن رڳو منهنجي ڳالهه هجي ها ته معاف ڪري ڇڏيان ها پر ترقي ڪندڙ پاڪستان کي نقصان پهچايو ويو، ان ڪري سازشي عنصرن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو.پارٽي ذريعن موجب شهباز شريف پنهنجي ڀاءُ کي نرم موقف تي قائل نه ڪري سگهيو، مريم نواز سميت ن ليگ اڳواڻن به نواز شريف جي موقف جي حمايت ڪئي ۽ موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن احتساب نه ٿيو ته ملڪ کي وڌيڪ نقصان ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.