قوم پرست هڪ ٿي جاگيردارن خلاف چونڊن ۾ حصو وٺن: ثمر حيدر جتوئي

تلھار (ن ع آ)سنڌ جي قوم پرستن کي ھڪ ٿي جاگيردارن، وڏيرن، ڀوتارن، سردارن، پيرن خلاف اليڪشن ۾ حصو وٺڻ گھرجي پ پ جو  متبادل قوم پرست پارٽيون آهن اسين سنڌ جي سڀني قوم پرستن کي ھڪ ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪنداسين اھڙو اظھار سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي تلھار پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ جاگيردارن، پيرن، سردارن ، وڏيرن ڀوتارن لٽي تباھ ڪري ڇڏيو آھي ڊجيٽل آدم شماري جا نتيجا قبول ڪري پ پ وارن سنڌ سان غداري ڪئي آھي ھاڻي ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ ۽ ٻين پارٽين خلاف قوم پرست پارٽيون ھڪ ٿي اسيمبلي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي ھن وقت سنڌ کي اھڙي اتحاد جي شديد ضرورت آهي ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن اعلان صرف اعلان ئي رهجي ويو 7 ڏينھن گذري ويا آهن پر ڌاڙيلن خلاف آپريشن ناھي ٿيو جڏھن معصوم نينگري پريا ڪماري اڃا تائين بازياب ناھي ٿي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.