واپاري اغوا ڪرڻ دوران مقابلي ۾ زخمي ٿيل جوابدار فوت

گهوٽڪي/ڏهرڪي/رهڙڪي(نمائندا) ڏهرڪي واسي هندو واپاري رنجيت ڪمار کي اغوا ڪرڻ دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري علو محمداڻي ڊسٽرڪٽ جيل ۾ فوت ٿي ويو، خبرن موجب ڏهرڪي واسي هندو واپاري رنجيت ڪمار کي اغوا ڪرڻ بعد پوليس جي مبينه مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار علو عرف ڀلو ولد ڌڻي بخش محمداڻي ڊسٽرڪٽ جيل گهوٽڪي ۾ فوت ٿي ويو، ڊسٽرڪٽ جيل جي انتظاميا پاران ڀلو محمداڻي جي فوت ٿيڻ جو ڪارڻ ظاهر ناهي ڪيو ويو، پر فوتي جو لاش تعلقه اسپتال آندو ويو، جتي ڪافي دير تائين مقرر پوليس اهلڪارن پاران ڪوريج ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي چيو ويو ته جيل سپريڊنٽ اچڻ بعد ڪوريج ڪرڻ ڏني ويندي، واضح رهي ته 17 سيپٽمبر تي رنجيت ڪمار جي اغوا جي ڪجهه ڪلاڪن بعد پوليس مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن جي بعد ۾ سڃاڻپ ڪنڌڪوٽ واسي علو عرف خانو محمداڻي طور ٿي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.