حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ نامياري قانوندان اياز لطيف پليجي چيو آھي ته سنڌ دشمن سازشن خلاف ڪڏھن به خاموش نه ويھنداسين، سنڌ خلاف سازش دراصل ملڪ خلاف سازش آھي، اھڙين سمورين سازشن کي عوامي طاقت سان مٽي ۾ ملائي ڇڏينداسين، سنڌ ۽ ملڪ خلاف ڪا به سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. پيپلز پارٽي کي صرف اقتدار گھرجي ۽ مال گھرجي. ھنن کي سنڌ، سنڌي ماڻھو، زراعت، تعليم، روزگار ۽ وسيلن سان ڪو به پيار ناھي،هن چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي گذريل پندرهن سالا اقتداري دور ۾ تيل، گيس، ڪوئلي، معدنيات ۽ سامونڊي پٽي جي دولت سان مالا مال کرب پتي سنڌ جي مظلوم عوام کي پنھنجو جائز حق ڏيڻ ۽ بدران پنڻ تي مجبور ڪيو، ڏھ ڪلو اٽي جي ٿيلهي لاءِ چوڪن تي شاھوڪار سنڌ جي ماڻهن کي ذليل ۽ خوار ڪيو هن چيو ته آمريڪا، روس، سعودي يا چين کي سڀ کان پھرين پنھنجا مفاد عزيز آھن. اسان کي به سڀ کان پھرين پنھنجي خودمختياري، پنھنجا مفاد، پنھنجا ماڻھو ۽ انھن جي خوشحالي، پنھنجي معيشت عزيز ھجڻ گھرجي ھا پر افسوس جو حڪمرانن ٻاھرين ڊڪٽيشنز تي ھلي ملڪ کي غلام بنائي ڇڏيو آھي،حڪمران آزاد خودمختيار ۽ عوام دوست معاشي پاليسيون جوڙين.