حيدرآباد (پ ر) سنڌ جي زمينن تي قبضن، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، پاڻي تي ڌاڙن، ڊجيٽل آدم شماري، وسيلن جي نيلامي ۽ ٻين سنڌ دشمن منصوبن خلاف عوامي تحريڪ طرفان سجاول ۾ ٿيل ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ هزارين ماڻهن ۽ پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي عوامي تحريڪ جي موقف جي تائيد ڪري سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن خلاف هلندڙ جدوجهد ۾ سنڌ جي گهڻ گهرن جي ڏنل ڀرپور ساٿ تي سندن ٿورا مڃيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، دائود ڏاهري ۽ هميرومل پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجهد جو دائرو وسيع ڪرڻ جي ضرورت آهي. عوامي تحريڪ طرفان 15 آڪٽوبر تي بدين ۾ عظيم الشان احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي ۽ 30 سيپٽمبر تي دادو ۾ ڪانفرنس ڪئي ويندي. هنن وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي نرسري قائم ڪئي وئي آهي. ڌاڙيلن جي اها نرسري سردارن ۽ ڀوتارن لاءِ منافعي بخش ڪاروبار بڻيل آهي، سنڌ جي نگران حڪومت ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو فيصلو ته ڪيو آهي پر ان آپريشن ۾ به ڌاڙيلن جي سرپرستن خلاف قانوني ڪاروائي جو ڪو به طريقيڪار طئي ناهي ٿيل. ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڌاڙيلن جي سرپرست سردارن ۽ سندن سهولتڪارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. هنن چيو ته مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن جا سمورا تفصيل عوام اڳيان پڌرا ڪيا وڃن.