ڪراچي(رپورٽ: جي ايم کوکر) ناڻي جي ماتحت ٽريزيريز ۾اربين رپين جي ڪرپشن بابت نگران حڪومت ميدان ۾ اچي وئي، ڪهڙن آفيسرن رشوت ورتي ڪير ملوث آهن جي نشاندهي لاءِ اپيڪس ڪميٽي جي روشني ۾کليل ڪچهريون طلب ڪري عوام کان وڌيڪ شڪايتون وٺڻ واري اعلان بعد شيڊُول جاري ڇڏيو،.ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن رات جو دير سان اپيڪس ڪميٽي جي تجويز تي سنڌ جي ناڻي کاتي ۾ ٿيل اربين روپين جي ڪرپشن کي وائکو ڪرڻ ۽ جعلي پينشن اڪائونٽس ۽ پينشن جي سڌارن بابت ٽي ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون هيون،جاري ٿيل نوٽيفڪيشن تحت قائم ڪميٽيون جيڪب آباد،ڪشمور،ڄامشورو، حيدرآباد سميت ٻين ضلعن ۾ جعلي پينشن ۽ جعلي اڪائونٽس ذريعي 2008 کان ٿيل اربين رپين جي ڪرپشن جي ڪيس بابت وڌيڪ شڪايتون گڏ ڪنديون ، ناڻي کاتي سنڌ جي طرفان سمورن ضلعن ۾ کليل ڪچهريون منعقد ڪرڻ جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي.جنهن تحت مسئلن جي حل لاءِ ڊي سيز، فنانس ڊپارٽمينٽ ۽ اڪائونٽنٽ جنرل جا نمائندا کليل ڪچهرين ۾ شرڪت ڪندا جيڪي پڻ عوام کان ٿيل ڪرپشنن بابت ثبوت ۽ شڪايتون وصول ڪندا، ناڻي کاتي پاران جاري نوٽيفڪيشن تحت گريڊ 20 جو هڪ سينيئر آفيسر ڪميٽي جو سربراهه مقرر ٿيندو،جڏهن ته 17 ۽ 18 گريڊ جا وڌيڪ 3 آفيسر پڻ ڪميٽين ۾ميمبرز طور تي شامل هوندا.جڏهن ته ڪميٽي هر هفتي ضلعي فنانس آفيس ۽ پينشن بابت رپورٽ تيار ڪري سيڪريٽري فنانس کي موڪلڻ جي پابند هوندي ،جاري شيڊول تحت قائم ٽئي ڪميٽيون27 سيپٽمبر 2023 کان12 آڪٽوبر2023 تائين سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ کلي ڪچهريون منعقد ڪنديون.ياد رهي ته گذريل ڏينهن اپيڪس ڪميٽي جي تجويز تي نگران وڏي وزير جسٽس ر مقبول باقر جي هدايت تي جعلي پينشن اڪائونٽس جي خاتمي ۽ پينشن سڌارن سميت ٿيل اربين روپين جي ڪرپشن جي خاتمي لاءَ ناڻي کاتي کي 3 ڪميٽيون جوڙڻ جو حڪم ڏنو هو جنهن بعد ناڻي کاتي طرفان گذريل رات دير سان ڪميٽين بابت شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ ذريعن موجب ناڻي جي سمورن ضلعن ۾ پينشن ۽ جعلي ڪائونٽس ۾ اربين روپيا ڪرپشن ڪئي وئي جنهن بابت ڪيتريون شڪايتون نيب ،اينٽي ڪرپشن وٽ جمع ٿيل آهن جڏهن ته ٽريزيري جي ڪرپشنن بابت جيڪب آباد، ڪشمور، ڄامشورو ۽ حيدرآباد ۾ جعلي پينشن ۽ جعلي اڪائونٽس تي اربين رپين جا ڪرپشن جا ڪيس داخل ٿيل آهن.