ڪنهن سياسي جماعت کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان نه روڪيو ويندو: نگران وزيراعظم

نيويارڪ (م ڊ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ جو قتل اولهه جي لاءِ جهٽڪو آهي، هاڻي انهن جون اکيون کليون آهن، پاڪستان ڏهاڪن کان ڀارتي دهشتگردي جو شڪار آهي، ڀارت ۾ اقليتن کي نشانو بڻايو  پيو وڃي، اهڙي رويي کي روڪڻ جي لاءِ اتحاد ٺاهڻ جي سخت ضرورت آهي، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي نسل ڪشيءَ سان انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، ذخيره اندوزن ۽ ڊالر مافيا جي خلاف ڪارروائي جي نتيجي ۾ کنڊ ۽ غذائي جنسن جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آهي، حڪومتي پاليسين جي ڪري ٻاهريان سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ تيار آهن، اميد آهي اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ جو اعلان جلد ڪندي، چونڊن ۾ سمورين سياسي پارٽين کي برابر موقعا فراهم ڪيا ويندا ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪندڙن جي خلاف قانون موجب منهن ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه جمعي ڏينهن پاڪستاني مشن ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته رجسٽرڊ افغان پناهگيرن جي حوالي سان عالمي ذميواريون آهن جن کي پورو ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، پاڪستان ۾ 50 لک افغان پناهگيرن رهن ٿا انهن ۾ 28 لک رجسٽرڊ ۽ باقي غيررجسٽرڊ آهن غير رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي وطن واپسي جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.