اسٽيبلشمينٽ جو ملڪ رياض تي ڏمر، خريد ڪيل ميڊيا چينل جي چارج سنڀالڻ ۾ ناڪام

لاهور (عوامي آواز  نيوز) ملڪ جي وڏي قبضا مافيا طور مشهور ملڪ رياض جو گهيرو اسٽيبلشمينٽ تنگ ڪري ڇڏيو. نامياري صحافي رضوان رضي جو چوڻ آهي ته ملڪ رياض ڪجهه عرصو اڳ ايڪسپريس نيوز چينل خريد ڪيو هو پر اڃان تائين چينل جو قبضو ملڪ رياض حاصل ڪري نه سگهيو  آهي. ان کان اڳ ملڪ رياض دبئي ۾ نيوز چينل کولڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس اجازت نه ڏني وئي ملڪ رياض کي چيو ويو ته انٽر ٽينمينٽ جو چينل کولي سگهو ٿا. نيوز چينل نٿا کولي سگهو. اهو پاڪستان ۾ وڃي کوليو، هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ۾ به نيوز چينل کولڻ تي پابندي آهي. ان ڪري ملڪ رياض پاڪستان ۾ ايڪسپريس چينل خريد ڪيو پر اڃان تائين کيس حق ۽ واسطا حوالي نه پيا ڪيا وڃن. ڇو ته اسٽيبلشمينٽ ان ۾ وڏي رڪاوٽ آهي. جڏهن ته پشاور بحريا ٽائون بابت جعلي اشتهار هلائڻ تي ملڪ رياض خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي. ان صورتحال مان محسوس ٿي رهيو آهي ته موجوده اسٽيبلشمينٽ قبضا مافيا ۽ اسمگلنگ مافيا جون جيڪي  فهرستون تيار ڪيون آهن، انهن ۾ ملڪ رياض جو نالو اول نمبر تي آهي، ان ڪري سندس گهيرو تنگ ٿي رهيو آهي. ياد رهي ته القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ به ملڪ رياض جو نالو شامل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.