سائفر ڪيس: عمران جي ضمانت واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪرپشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ضمانت واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد هاءِ  ڪورٽ جي رجسٽرار ايندڙ هفتي لاءِ ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت وارو ڪيس به ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي سومر تي ٿيندي، جنهن جي ٻڌڻي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق ڪندو.

  • نديم قمر جي مقرري خلاف سنڌ سرڪار،صحت کاتي کان جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ۾ اين آءِ سي وي ڊي اسپتال جي ايگزيڪٽوڊائريڪٽرنديم قمر جي مقرري جي خلاف  ڪيس جي ٻڌڻي ٿي .عدالت سنڌحڪومت،صحت کاتي ۽ اين آءِ سي وي ڊي کان ٽن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي .عدالت ۾ درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪندي چيو ته ايگزيڪٽوڊائريڪٽر جي مقرري غيرقانوني آهي،نديم قمر کي 62لک رپيا پگهار ۽ مراعتون ڏينون پيون وڃن،نديم قمر اين آءِ سي وي ڊي سان رٽائرڊ آهن پر هن جي غيرقانوني مقرري ٿي رهي آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.