ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ چئن سالن جي ٻار عمار جتوئي جي اغوا ۽ قتل جي ڏوهه ۾ سزا کائيندڙ جوابدارن جي سزا جي خلاف اپيلون منظور ڪري ورتيون، عدالت سزا کي ڪالعدم قرارڏيندي چيو ته جوابدار ڪيس ۾ ملوث نه آهن ته هنن کي آزاد ڪيو وڃي، جوابدارن ۾ عبدالله مگسي، عبدالغفاربروهي، علي مگسي ۽ زاهد گبول شامل آهن، ٽرائل عدالت عبدالله مگسي، عبدالغفار کي موت جي سزا ۽ علي مگسي ۽ زاهد گبول کي عمر قيد جي سزا ڏني هئي، سرڪاري وڪيل چيو ته جوابدارن مارچ 2012ع ۾ لاڙڪاڻي جي علائقي وليد پاڙي ۾ چئن سالن جي عمار جتوئي کي ڀنگ جي لاءِ اغواڪيو هو، ڀنگ نه ملڻ تي ساڳي مهيني ان کي قتل ڪيو ويو.