مٽياري/کيبر / اوڏيرو لال (نمائندن وٽان)کيبر ويجھو ڳوٺ غالب کيبر ٻاھران انبن جي باغ مان 12 سالن جي نينگر فيضان علي ولد يار محمد ڪنڀار جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو آھي گاھه ڪرڻ لاءِ ويل ڳوٺاڻي نينگر جو تنگيل لاش ڏسي نينگر جي وارثن اڏيرو لال پوليس کي اطلاع ڏنو جن ڊي ايس پي کيبراڻي جي اڳواڻي ۾ موقعي تي پھچي نينگر جو لاش وڻ مان لاھي مٽياري تعلقي اسپتال پھچايو اڏيرو لال پوليس جو چوڻ ھو ته نينگر تي تشدد ڪرڻ بعد ڪپڙي جي گندي سان ڦاھو ڏنو ويو آھي وڌيڪ جانچ ڪري رھيا آھيون جڏھن ته نينگر جي وارثن جو چوڻ ھو ته اسان غريب مزدور ماڻھو آھيون اسان جي ڪنھن سان به ڪا دشمني ناھي اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، خدا را اسان سان انصاف ڪيو وڃي.