عمار جتوئي جي قتل ۾ سزا ڀوڳيندڙ جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ چئن سالن جي ٻار عمار جتوئي جي اغوا ۽ قتل جي ڏوهه ۾ سزا کائيندڙ جوابدارن جي سزا جي خلاف  اپيلون منظور ڪري ورتيون، عدالت سزا کي ڪالعدم قرارڏيندي چيو ته جوابدار ڪيس ۾ ملوث نه آهن ته هنن کي آزاد ڪيو وڃي، جوابدارن ۾ عبدالله مگسي، عبدالغفاربروهي، علي مگسي ۽ زاهد گبول شامل آهن، ٽرائل عدالت عبدالله مگسي، عبدالغفار کي موت جي سزا ۽ علي مگسي ۽ زاهد گبول کي عمر قيد جي سزا ڏني هئي،  سرڪاري وڪيل چيو ته جوابدارن مارچ 2012ع ۾ لاڙڪاڻي جي علائقي وليد پاڙي ۾ چئن سالن جي عمار جتوئي کي ڀنگ جي لاءِ اغواڪيو هو، ڀنگ نه ملڻ تي ساڳي مهيني ان کي قتل ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.