عباد فاروق جي پٽ جي لاڏاڻي تي سوشل ميڊيا تي باهه ٻريل

لاهور(م ڊ)  پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪن ۽ ٽڪيٽ هولڊر عباد فاروق جي 8 ورهين جي پٽ عمار فاروق جي لاڏاڻي جي خبر سڄي ملڪ ۾ جتي سڀني کي  ڏکارو ڪري ڇڏيو اتي  سندس موت جي سببن ۽ مرض بابت متضاد دعويٰ ڪئي پئي وڃي.بي بي سي سان ڳالهائيندي عباد فاروق جي ڀاءُ چوڌري تصور چيو ته سندس 8 ورهين جو ڀائٽيو پيءُ، ماءُ ۽ ڏاڏي جي پنجاب پوليس گرفتاري کانپوءِ  ذهني صدمي ۽ غم ۾ مبتلا ٿي ويو هو، جڏهن ته سندس گهر جي ٻين ميمبرن اهو به ٻڌايو ته  عمار هڪ غيرمعمولي دماغي بيماري سيباڪوٽ سيڪلورزنگ پيننسفلائٽس ۾ مبتلا هو جنهن کي (SSPE) سڏيو ويندو آهي، هن جا گهر ڀاتي ۽ پي ٽي آءِ حامي صارف حڪومت تي تنقيد ڪري عمار کي پهچندڙ ذهني صدمي کي هن جي موت جو سبب قرار ڏئي رهيا آهن،عمار جي چاچي چوڌري تصور جو چوڻ آهي ته اسان سمجهون ٿا ته پنجاب پوليس جنهن طريقي سان گهر تي چڙهائي ڪئي ۽ عمار جي پيءُ، ماءُ ۽ ڏاڏي کي گرفتار ڪيو،ان واقعي ٻار جي دماغ تي اثر انداز ڪيو ۽ هن جي حالت خراب ٿي وئي ۽ هو ابدي ننڊ سمهي رهيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.