شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڪراچي ۾ احتجاج جاري

ڪراچي (رپورٽر)سينيئر صحافي شهيد جان محمد مھر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي سڏ تي ٽئين ڏينهن پڻ  ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري ڌرڻو هنيو ويو جتي وڏي تعداد ۾ صحافين، وڪيلن سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.ڌرڻي کي خطاب ڪندي سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي مرڪزي صدر قاضي ذوالفقار ،غازي جهندير ،وحيد راڄپر ،وڪيل اڳواڻ غلام رسول سوهو،پاڪستان خاصخيلي اتحاد جي سينئر نائب صدر محمد يعقوب خاصخيلي ، جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ، عوامي راڄ پارٽي جي خليل شاهه، ملير پريس ڪلب جي صدر مرتضي چانڊيو، حنيف سومرو، سامي ميمڻ، وحيد سيال، اسلم حيدر سولنگي ۽ ٻين چيو ته شهيد جان محمد مھر جي قتل کي 38 ڏينهن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي پر قاتل گرفتار نه ٿا ٿين، شهيد جي قتل خلاف صحافين سميت پوري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي پر سنڌ سرڪار ڪوڙن دلاسن کان سواءِ ڪجهه به نه ٿي ڪري. هنن چيو ته نگران گهرو وزير کي جان محمد جا قاتل گرفتار ڪرڻ لاء درياهه جو پاڻي سڪڻ جو انتظار جيڪو انتهائي شرمناڪ عمل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.