ڌارين جي يلغار آهي، ڌرتي ڌڻين کي بي گهر ڪيو پيو وڃي: عوامي تحريڪ

سجاول/ کورواھ (پ ر) سنڌ جي زمينن جي نيلامي، سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري ڊجيٽل آدمشماري، مهانگائي، رياست ۽ سردارن  جي سرپرستي ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ سنڌ جي پاڻي تي ناجائز ڌاڙن خلاف عوامي تحريڪ طرفان  22 سيپٽمبر تي سجاول ۾ اعلانيل ريلي جون تياريون هلندڙ، ڳوٺ حاجي جڙيو زئور، ڳوٺ احمد خان رند، ڳوٺ محمد ٻائيتار، کورواهه ۽ ڳوٺ شهمير چانڊيو جا دورا ڪري ڳوٺاڻن کي دعوتون ڏنيون ويون، ريلي جي تيارين جي سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، عوامي تحريڪ جي سينيئر اڳواڻ موسيٰ دردس، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ مجيد ساگر پرهياڙ، حميد انقلابي، ايوب ٻائيتار، حنيف چانڊيو، جميل ملاح کورواهه پريس ڪلب پھچي صحافين سان گفتگو ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو  ته سجاول، ٺٽي ۽ بدين ضلعن سميت جون زمينون نيلام ڪري سنڌين کي بي گهر ڪيو پيو وڃي، سجاول ضلعي جي پڇڙي وارن علائقن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي. علائقي واسين کي پاڻي ڏنو وڃي، ٺٽي ۽ بدين ضلعن ۾ منشيات جو ڪاروبار عروج تي آهي، آئيس ،هيروئن، گٽڪو، مائو ۽ ٻي منشيات سرعام وڪرو پئي ٿئي، منشيات تي بندش لڳائي وڃي، پيپلز پارٽي جي حڪومت پنھنجي سموري اقتداري دور ۾ خصوصي طور گذريل 15 سالن ۾ سنڌ کي لاقانونيت، ڌاڙيل راڄ، بک ۽ بدحالي، بيروزگاري ۽ مهانگائي جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. سنڌ جو عوام پنھنجي گھرن ۾ به محفوظ ناهي، ڌاڙيل روز جي بنياد تي ماڻھو اغوا ڪري انھن جي وارثن کان ڀنگ وٺي رياست جي رٽ کي چيلينج ڪيون ويٺا آهن. پيپلز پارٽي سنڌ جي زمينن جي نيلامي جي ڪڌي ڪاوربار ۾ قبضا مافيائن جي سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.