اسلام آباد (م ڊ) ثمر هارون بلور جي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ رقم جي مُنڊي چوري ٿي ، اڳوڻي وفاقي وزير مرحوم بشير بلور جي ننهن ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ثمر هارون بلور جي قيمتي مُنڊ چوري ٿي وئي، اسلام آباد جي ڪوهسار ٿاڻي ۾ مُنڊ چوري جو ڪيس داخل ڪرايو ويو، ايف آءِ آر موجب مُنڊي جي ماليت هڪ ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي، مُنڊي چوري جو ڪيس ثمر هارون بلور جي درخواست تي داخل ڪرايو ويو، ايف آءِ آر موجب چار قيراط هيري جي مُنڊي مرحوم مڙس هارون بشير بلو تحفي ۾ ڏني هئي، هڪ پروگرام ۾ پائي وئي هيس، گهر اچي لاٿي ته چوري ٿي وئي، منهنجي گهر ۾ غير واسطيدار ماڻهن جو اچ وڃڻ ناهي، پنج ملازم ڪم ڪن ٿا، ملازمن کي جاچ ۾ شامل ڪري مُنڊي هٿ ڪئي وڃي.