ڪراچي ۾ ذخيره اندوزن خلاف وڏي ڪارروائي،ڏيڍ ارب جون غذائي جنسون هٿ

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ماڙيپور ۾ سڪيورٽي ادارن ۽ ضلعي انتظاميا ڪارروائي ڪري ڏيڍ ارب رپين جو اناج هٿ ڪري ورتو،  جيڪو بلوچستان ذريعي افغانستان اسمگل ٿيڻو هوذريعن موجب ماڙيپور واري علائقي ۾ وڏي ڪارروائي دوران کنڊجون 2 لک کان وڌيڪ لڪايل ٻوريون  ۽ ٻين جنسن جون لڪايل ٻوريون هٿ ڪيون ويون آهن، ڄاڻايل شيون غير قانوني طور افغانستان اسمگل ٿيڻيون هيون. ذريعن موجب حساس اداري، پوليس ۽ ڊي سي ڪياماڙيءگڏيل ڪارروائي ڪندي گودام مان ڏيڍ ارب رپين جي ماليت جون کنڊ، ڪاري ۽ اڇي چڻن جون 2 لک ٻوريون هٿ ڪري ورتيون، موچڪو ۾ هڪ گودام تي ڇاپو هنيو ويو، جنهن دوران گودام مان لکين ٻوريون هٿ ڪيون ويون پوليس ذريعن موجب هٿ آيل سامان جي ماليت ڏيڍ ارب روپين کان وڌيڪ آهي، ڇاپي دوران مڪائي، اڇي ۽ ڪاري چڻي جون ٻوريون برآمد ڪيون ويون ڇاپي دوران گودام تي ڪم ڪندڙ 4 ڄڻن کي حراست ۾ وٺي گودام جي مالڪن بابت پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.ڊپٽي ڪمشنر جنيد اقبال خان جو چوڻ آهي ته هي ذخيرو پاڪستان ۾ مصنوعي بحران پيدا ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو، ڇاپي دوران کنڊ جون هڪ لک ٻوريون، هڪ لک اڇا چڻا ۽ ڪارن چڻن جون ٻوريون هٿ ڪيون ويون جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر ماڙيپور رياض احمد شيخ گودام سيل ڪري ڇڏيو آهي ان حوالي سان ايس ايس پي ڪياماڙي عارف اسلم رائو جو چوڻ آهي ته حساس اداري جي اطلاع تي ڊي سي ڪياماڙي سان گڏ موچڪو ٿاڻي جي حد ۾ هڪ وڏي گودام تي ڇاپو هنيو ويو. گودام جي مالڪن جي نشاندهي ڪري ورتي آهي، جلد گرفتار ڪيو ويندو، ڇاپي دوران گودام تي ڪم ڪندڙ 4 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.