لاهور(م ڊ) اڳوڻو وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جو صدر شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر وطن واپسي کانپوءِ نواز شريف لاءِ اهم پيغام کڻي لنڊن روانو ٿيندو. اڱاري تي پاڪستان پهچڻ کانپوءِ شهباز شريف خميس تي لنڊن واپس پهچندو. مريم نواز خميس جي شام ۽ شهباز شريف رات جو لنڊن پهچندو. شهباز شريف ۽ نواز شريف وچ ۾ اهم ملاقات جو امڪان آهي، جنهن ۾ نواز شريف 21 آڪٽوبر تي وطن واپس ايندو ۽ ٻين اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون وينديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن قيادت جو اهم اجلاس جمعي تي لنڊن ۾ ٿيندو، جنهن ۾ رڳو نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز شرڪت ڪندا.