ڪراچي (رپورٽر) اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جا ڪرپشن ڪيس ٻيهر کُلي ويا، ٽرائل شروع ٿي ويو، احتساب عدالت اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ خلاف اطلاعات کاتي سنڌ ۾ 5 ارب 76 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ريفرنس متعلق نيب ترميم جي تحت اختيار جو دائرو چئلينج ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي، ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ اطلاعات کاتي سنڌ ۾ 5 ارب 76 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، شرجيل ميمڻ ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ يپش ٿيا، معزز جج نيب ترميم جي تحت عدالت جو دائره اختيار چئلينج ڪرڻ متعلق درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته نيب ترميمن متعلق سپريم ڪورٽ جي حڪمن بعد درخواست غير موثر ٿي چڪي آهي، سپريم ڪورٽ جو حڪم نامو مليو آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل ڪيو ويندو، هاڻ ته نيب ترميمون ختم ڪيون ويون آهن، سپريم ڪورٽ جو حڪم نامو به سامهون آهي، ريفرنس جو ٽرائل جتي رکيو هو اُتان کان شروع ڪيو ويندو، شاهدن ۽ جوابدارن کي ٻيهر پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
-
ڀارت جي دهشتگردي ڪيناڊا تائين پهچي وئي، عالمي برادري ڏسي: پرڏيهي کاتو
اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته ڪينيڊين سک شهري جي قتل مان ثابت ٿيو ته ڀارت جي دهشتگردي هاڻ ڪينيڊا تائين پهچي چڪي آهي. پاڪستان اميد ڪري ٿو ته اسان جي شهرين ۽ ڪشميرين جي تحفظ کي ٻين ملڪن جون حڪومتون يقيني بنائينديون. پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ موجب نگران پرڏيهي وزير جي افغانستان بابت آمريڪي سفير سان ملاقات ٿي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن ۽ افغانستان ۾ امن جي قيام تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ ڪينيڊا ۾ سک شهري جي قتل واري معاملي تي به ڳالهيون ٿيون. ترجمان موجب ڪينيڊا ۾ عدالت کان مٿانهين قتل مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڀارتي دهشتگردي ڪينيڊا تائين پهچي چڪي آهي. گذريل سال ڊسمبر ۾ پاڪستان ڊوزٽيئر جاري ڪيو هو. هن ڊوزٽير ۾ ڀارت جي لاهور دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ جون پڪيون شاهديون پيش ڪيون ويون. ڀارت طرفان ڪينيڊين سک شهري جي ڪينيڊا ۾ قتل سان ڀارتي قتل عام جو دائرو سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو آهي. پاڪستان اميد ڪري ٿو ته پاڪستاني شهرين ۽ ڪشميرين جي تحفظ کي پرڏيهي ملڪن جون حڪومتون يقيني بنائينديون.
-
عمران خان خلاف داخل 9 مئي جي ڪيسن ۾ بغاوت جا قلم به شامل
لاهور (م ڊ) نوَ مئي سانحي جي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين سميت سمورن جوابدارن جي چالان ۾ بغاوت جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. ايس ايس پي انويسٽيگيشن انوش معسود ٻڌايو ته نوَ مئي جي مک ڪيس سميت سمورن ڪيسن ۾ 120 بي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي واقعي واري هنڌ تي غير موجودگي باوجود سندس خلاف بغاوت تي ڀڙڪائڻ ۽ رٿابندي جا ثبوت مليا آهن. پوليس موجب، پراسيڪيوشن طرفان چالان تي اعتراض وارڻ کانپوءِ بغاوت جا قلم شامل ڪيا ويا، تنهنڪري چالان جمع ڪرائڻ کان اڳ پراسيڪيوشن جا سمورا اعتراض ختم ڪري ڇڏيا آهن، هاڻي ايجنسين جي رپورٽ ملڻ تي چالان جمع ڪرايو ويندو.
-
نواز شريف خلاف سازش ڪندڙ منهن ڏيکارڻ جهڙا ناهن رهيا: مريم نواز
لاهور( م ڊ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائزر مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف خلاف سازش ڪندڙ اڄ عوام کي منهن ڏيکارڻ جي قابل ناهن رهيا. لاهور ۾ ن ليگ جي شاگرد تنظيم ايم ايس ايف جي اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ڪنهن ساٿ ڏنو هجي يا نه، مون ڏکئي وقت ۾ پنهنجي پيءُ جو اٿ ناهي ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته مون والد (نواز شريف ) کي چئي ڇڏيو هو ته جيڪي ماڻهو مون کي اوهان جي ڪمزوري بڻائڻ چاهين ٿا اُهي ڏسندا ته انشاءَ الله مان اوهان جي طاقت بڻجنديس. هن چيو ته بيڏوهي هئڻ باوجود اٽڪل ٻه سئو حاضريون ڀوڳيون، والد جي اکين اڳيان مون کي ڪوٽ لکپت مان گرفتار ڪيو ويو ته سندس اکيون اليون ٿي ويون هيون پر هن مون کي نصيحت ڪئي ته گهٻرائڻو ناهي. مريم نواز چيو ته نواز شريف 21 هين آڪٽوبر تي وطن واپس اچي رهيو آهي، 21 آڪٽوبر جو سج پاڪستان لاءِ نيون اميدون بڻجي اُڀرندو. هن وڌيڪ چيو ته اوهان نواز شريف جي ڪري ايٽمي طاقت آهيو، مُلڪ جون سموريون رٿائون نواز شريف ڏنيون.