ڊجيٽل ڪرنسي لاڳو ڪرڻ جو في الحال ارادو ناهي: گورنر اسٽيٽ بئنڪ

ڪراچي(رپورٽر) گورنر اسٽيٽ بئنڪ جميل احمد جو چوڻ آهي ته ڊجيٽل بئنڪنگ وقت جي ضرورت آهي، پنجن بئنڪن ڊجيٽل ريٽيلنگ  ۾ وڏي ترقي ڪئي آهي، ڊجيٽل ڪرنسي تي به ڪم ٿي رهيو آهي، ان کي شروع ڪرڻ جو ڪو فوري منصوبو ناهي. ڊجيٽل بئنڪنگ تقريب کي خطاب ڪندي گورنر اسٽيٽ بئنڪ جميل احمد چيو ته ڊجيٽلائيزيشن سان شهرين لاءِ سهولت پيدا ٿيندي، بئنڪن کي گهرجي ته هو پنهنجي پاليسين کي وڌيڪ بهتر ڪن ته جيئن صارفين کي سهولت فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته ڊجيٽل ڪرنسي تي ڪم هلي رهيو آهي، مختلف ملڪن جي ماڊلز کي ڏٺو پيو وڃي، ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڊجيٽل ڪرنسي جا خدشا آهن، فوري طور تي ڊجيٽل ڪرنسي جاري ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي، ان حوالي سان خدشن جو جائزو ورتو پيو وڃي. ڊجيٽل ڪرنسي ٿي ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.