راولپنڊي(م ڊ)پنجاب جي وڏي وزير جي قانون بابت خاص مددگار ۽ اڳوڻي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ڪنور دلشاد چيو آهي ته ملڪ ۾ عام چونڊون 15 کان 25 جنوري تائين ٿينديون. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪنور دلشاد چيو ته اليڪشن ڪميشن 12 ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ ووٽرن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، تڪ بندين جو ڪم 30 نومبر کان اڳ مڪمل ڪيو ويندو ۽ تڪبندين جو گزٽ نوٽيفڪيشن ۽ چونڊ لسٽون 30 نومبر تي جاري ڪيون وينديون. جاري رهندو. خاص مددگار جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن نوٽيفڪيشن کانپوءِ سيڪشن 57 تحت چونڊ شيڊول جاري ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو.