سعودي بادشاهه ايندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪندو !

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان جا ايندڙ مهيني پاڪستان جي دوري جا امڪان آهن.

صحافي عمران وسيم جو چوڻ آهي ته نامياري صحافي ڪامران يوسف جي رپورٽ شايع ٿي آهي. جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته محمد بن سلمان آڪٽوبر جي پهرئين هفتي ۾ پاڪستان جو دورو ڪري سگهي ٿو.

ياد رهي ته تازو ڀارت ۾ جي 20 ڪانفرنس ۾ محمد بن سلمان شرڪت لاءِ وڃي رهيو هو ته امڪان ظاهر ڪيو ويو هو ته هو ڪجهه ڪلاڪن لاءِ پاڪستان ۾ ترسندو ۽ پوءِ ڀارت ويندو پر محمد بن سلمان پاڪستان اچڻ بدران سڌو ڀارت هليو ويو هو.

هاڻي امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ايندڙ  مهيني جي پهرئين هفتي ۾ پاڪستان جي دوري تي ايندو.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 21 سپٽيمبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.