اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) غير شرعي نڪاح ڪيس ۾ عدالت اڳوڻي وزيراعظم کي طلبي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد جي سول جج قدرت الله، عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف غير شرعي نڪاح ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم کي طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو.
عدالت طرفان عمران خان کي 25 سيپٽمبر تي جيل مان عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
ذريعن موجب عدالت عملي کي اٽڪ جيل سپرنٽينڊنٽ نالي نوٽيس جاري ڪرڻ جي هدايت به ڪئي آهي.
You might also like