شهباز شريف جي هنگامي طور لنڊن واپسي ،(ن) ليگ ۾ ٿرٿلو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) شهباز شريف جي لنڊن کان وطن واپسيءَ  شرط هنگامي طور لنڊن واپسيءَ (ن) ليگ ۾ ٿرٿلو برپا ڪري ڇڏيو آهي.

نامياري صحافي عمران وسيم جو چوڻ آهي ته لنڊن ۾ موجود صحافي مرتضيٰ  شاهه جو چوڻ آهي ته شهباز شريف جي وطن پهچڻ شرط هڪ اهم شخصيت سان ملاقات ٿي آهي جنهن کانپوءِ شهباز شريف اهم پيغام  کڻي لنڊن واپس ٿيو آهي.

سياسي حلقا ان سرگرميءَ  کي نواز شريف جي تازي بيان سان ڳنڍي رهيا آهن. جنهن بيان ۾ نواز شريف جنرل باجوه، جنرل فيض، ثاقب نثار ۽ ٻين جي احتساب جو مطالبو ڪيو هو.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز خميس 21 سپٽيمبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.