ڪرپٽ سياستدانن جو گهيرو تنگ، نيب اهم فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي احتساب بيورو ( نيب ) سُپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ اربين رُپين جي ماليت جا ڪرپشن ريفرنسز ٻيهر کولڻ کانپوءِ وڌيڪ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن.

ذريعن موجب، نيب چيئرمين ڪرپشن خلاف ڪارروائين لاءِ حساس ادارن جي آفيسرن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تحت نيب اهم عهدن تي تي مقررين لاءِ ڊيپوٽيشن تي حساس ادارن کان آفيسر گهري ورتا آهن.

حساس ادارن جا آفيسر ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر نيب لاءِ ڪم ڪرڻ شروع ڪندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب چيئرمين نذير احمد جي منظوري سان حساس ادارن جي آفيسرن جي خدمتن لاءِ خط لکيو ويو آهي، جڏهن ته نيب ۾سمورين خالي جاين تي به فور طور مقرريون ڪيون وينديون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊيپوٽيشن تي مقرر ٿيندڙ حساس ادارن جا آفيسر ۽ اهلڪار نيب آفيسز ۾ فرض انجام ڏيندا ۽ نيب آفيسن ۾ مضبوط ۽ اثرائتو انٽيليجنس سسٽم قائم ڪيو ويندو.

ذريعن موجب، احتساب جو عمل تيز ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ حساس ادارن جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کان مدد ورتي ويندي ۽ انٽيليجنس آفيسر نيب جاچ آفيسرن جي مدد ڪندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب ۾ ڊيپوٽيشن تي ايندڙ سمورا آفيسر پنهنجي اسڪيل ۽ پگهار تي ئي ڪم ڪندا، آفيسر ۽ اهلڪار سُپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ تمام ڪيسز هلائڻ ۾ به مدد ڪندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊپٽي چيئرمين نيب ۽ پراسيڪيوٽر جنرل جي عهدن تي به جلد مستقل آفيسرن جي مقرري ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.