شاهد خاقان، ڊاڪٽر عاصم، مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻيا سياستدان ڏچي ۾، وڏي خبر اچي وئي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيرِ اعظم شاهد خاقان عباسي، پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم ۽ ڪراچي جي اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال سميت بين خلاف نيب ريفرنس واپس پهچايا ويا آهن.

نيب قانون ۾ ترميمن جي پارليامينٽ مان منظوري کانپوءِ احتساب عدالت مان اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو ريفرنس نيب چيئرمين ڏانهن واپس موڪليو ويو هو، ان کان سواءِ ڊاڪٽر عاصم، ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال، اسٽيل مل جي اڳوڻي چيئرمين معين آفتاب شيخ، ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي جو ريفرنس به واپس ڪيو ويو هو.

اڳوڻي سيڪريٽري بدر جميل منڌرو ۽ اڳوڻي ڊي جي، ڪي ڊي اي ناصر عباس سميت ٻين جا ريفرنس به واپس اُماڻيا ويا هئا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي احتساب عدالت ڏانهن شاهد خاقان عباسي، ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ رئوف صديقي سميت ٻين ماڻهن جا ريفرنس ٻهير موڪليا ويا آهن.

ذريعن موجب، اڳوڻي ناڻي واري وزير عبدالحفيظ شيخ خلاف ريفرنس واپس نيب ڪورٽ ڏانهن اُماڻيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عبدالحفيظ خلاف قومي ناڻي کي 11.1 ملين ڊالر جو نقصان پهچائڻ ۽ پورٽ قاسم سميت ٻين بندرگاهن لاءِ سافٽ ويئر جي تياري جي مد ۾ ڪرپشن وٺڻ جو الزام آهي.

ياد رهي ته اڳوڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال پنهنجي رٽائرمينٽ کان اڳ ڏينهن اڳ پارليامينٽ مان منظور ٿيل ترميمن واري قانون کي ڪالعدم قرار ڏيندي سياستدانن ۽ عوامي نمائندن خلا ف ڪيسز ٻيهر کولڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.