سنڌ ۾ عوام مغوين جي بازيابي ۽ بدامني خلاف پاڻمرادو تحريڪ شروع ڪري ان جو نتيجو بھ حاصل ڪري ورتو آھي.اڱاري ۽ اربع جي وچ واري رات جو دير سان ھڪ وڌيڪ ساگر ڪمار بھ ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ٿي ويو آھي.لڳ ڀڳ مھينو کن اڳ ڪشمور ۽ ڪنڌ ڪوٽ جي ھندو برادري پاران سوشل ميڊيا تي مغوين جي بازيابي لاءِ شروع ڪيل مھم ان وقت ھڪ نئون رخ اختيار ڪيو جڏھن مغوين جي وارثن ڪشمور ۾ مظاھرا ڪرڻ بعد اتي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ورتو.پوليس روائتي انداز اختيار ڪندي پھرين ڳالھين ذريعي احتجاج ڪندڙن کي مصروف رکيو، ان بعد رواجي واعدا ڪري احتجاجي ڪئمپ ختم ڪرڻ جي لاءِ نرمي سان پيش آئي،آھستي آھستي پوليس جي رويي تلخ ٿيڻ بعد، سوشل ميڊيا تي مھم وڌي وئي ۽ ڪشمور ۾ ملڪ جي ٽن صوبن جي سنگم تي لڳل ڌرڻي جي حمايت ۾ سموري سنڌ ۾ ڌرڻن جو سلسلو شروع ٿي ويو.
سنڌ ۾ عام ماڻھو جي تڪڙي موٽ ملڻ بعد سنڌ حڪومت ۽ ان جي اختيارين سنجيدگيءَ اختيار ڪرڻ شروع ڪئي.ان دوران ڪجھه مغوي بازياب ٿيا پر ڪافي ڌاڙيلن وٽ قيد ھئا.جن جي بازيابي جي لاءِ مختلف ھنڌن تي شھرين پاران احتجاج جو سلسلو جاري رھيو.ان وچ ۾ پوليس، اتر سنڌ جا سردار ۽ حڪومت عوامي پريشر اڳيان بيھي نھ سگھيا.جنھن بعد ڌاڙيلن خلاف ڪارراوئي جو فيصلو ٿيو.جيڪو ھن وقت جاري آھي.اڱاري واري ڏينھن سنڌ جو نگران گھرو وزير ۽ انسپيڪٽر جنرل پوليس رفعت مختار، اتر سنڌ جي دوري تي پھتا.مختلف ھنڌن تي ميڊيا سان نرم لھجي ۾ علائقي جي بااثر سردارن کي سخت پيغام ڏنو.ياد رھي تھ اھڙي پريس ڪانفرنس جي ڪجھه ئي ڪلاڪن بعد ھڪ مغوي ساگرڪمار بازياب ٿي ويو.
گھرو وزير رٽائرڊ برگيڊيئر حارث نواز ۽ آءِ جي سنڌ رفعت مختار ،ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي جاويد جسڪاڻي کان بريفنگ ورتي.جنھن بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي گهرو وزير جو چوڻ ھو تھ چورين ۽ اغوا ۾ ملوث ڏوهارين کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪبو.ھن چيو تھ حڪومت پاران، ڪچي ۽ پڪي جي ڏوھارين ۽ پاٿاريدارن کي پيغام ڏيون ٿا ته پوليس وٽ پيش ٿي ڪيسن کي منھن ڏين. کين قانوني رعايت ڏني ويندي.ڪچي ۽ پڪي جي علائقن ۾ ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.ڏوهارين خلاف جيڪو به هٿيار هوندو اهو استعمال ڪنداسين، ھن جو چوڻ ھو تھ امن امان بابت حڪومت قدم کڻي رھي آھي۽ ان جو نتيجو ڪجھه ئي ھفتن ۾ اچي ويندو. اھو سڀني کي محسوس ٿيندو.
ھر حال ۾ڏوھاري عنصرن جو خاتمو ڪيو ويندو، اسان ووٽ لاءِ نه آيا آهيون،اسان تي ڪنھن بھ قسم جو ڪو به سياسي دٻاءُ ناهي.ھن واضح ڪيو تھ جيڪڏهن ڪنهن سردار کي گرفتار ڪرڻو پوندو ته ضرورگرفتار ڪنداسين.سندس چوڻ ھو تھ آپريشن ۾ پوليس سان گڏ رينجرز ۽ پاڪ فوج به حصو وٺندي.ڏوهارين جو رستو روڪڻ لاءِ پنجاب ۽ بلوچستان اختيارين کان مدد ورتي وئي آھي، ان پاسي کان سمورا لنگهھ بند ڪيا ويا آھن.ڏوهاري عناصرن خلاف جديد هٿيارن ۽ اوزارن سان آپريشن ڪيو ويندو.ڏوهارين جي سهولتڪارن ۽ مددگارن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي.
هن چيو ته نگران حڪومت پنهنجي دور ۾ ڪچي جي ڏوهارين مان نجات ڏياريندي. اطلاع ملڻ تي ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪيو ويندو.نگران حڪومت ڇهھ مھينا ھلي يا ٽي مھينا، پر ڪچي جا علائقا ڏوھارين کان پاڪ ڪري ويندا سين.پوليس وٽ ڏوھارين سان مقابلي لاءِ جديد ھٿيار موجود آھن.هن ڪچي ۾ ڊيوٽي تي ويٺل پوليس اهلڪارن کي 10 هزار رپيا الڳ ڪچا الائونس ڏيڻ جو بھ اعلان ڪيو.
سنڌ جي گھرو وزير جي اھڙي پريس ڪانفرنس بعد ڪجھه ئي ڪلاڪن بعد ھڪ وڌيڪ مغوي بازياب ڪيو ويو آھي.اھو ھڪ ھاڪاري عمل آھي، پر ھتي ڪيئن ٻيا سوال پڻ پئدا ٿي رھيا آھن.سوال ھي آھي تھ سنڌ ۾ شروع ٿيل عوامي احجتاج کانپوءَ ھڪ بعد ٻيو مغوي بازياب ٿي رھيو آھي.اھو درست آھي پر ان دوران وڌيڪ ماڻھو اغوا پڻ ٿي رھيا آھن.جن ۾ ڪنڌڪوٽ مان ٽن ٽرڪ ڊارئيورن ۽ ڄام شوري مان بھ پورھيتن جي اغوا جا واقعا ٿيا آھن.جن بابت ڪا بھ ڳالھھ نھ ڪئي وئي.
حڪومت جو اصل ڪم ملڪ ۾ لاڳو آئين ۽ قانون تي عمل ڪندي عوام کي گھربل سھولتون فراھم ڪرڻ آھي.عوام جي جان مال ۽ عزت جو تحفظ ڪرڻ حڪومت جي فرض ۾ شامل آھي.سوال آھي تھ ھن وقت تائين بازياب ٿيل مغوين بابت ڪي وڌيڪ تفصيل حڪومت ظاھر ڪرڻ لاءِ تيار نھ آھي،جنھن سان مونجھارا پيدا ٿين ٿا، آخر پوليس اھو ڇو نٿي ٻڌائي تھ اھي مغوي ڪئين بازياب ٿين ٿا.جيڪڏھن اختيارين ۽ سرڪار پاران ان بابت ڪا وضاحت سامھون نٿي اچي تھ عوام اھو ئي سمجھڻ ۾ حق بجانب آھي تھ اھي سمورا مغوي پوليس راڄوڻي ڪري بازياب ڪرائي رھي آھي، جيڪڏھن اھو مفروضو درست آھي تھ پوءِ اھو سڀ ڪجھه بھ ھڪ طرح سان حڪومت جي ”رٽ“ کي چئيلج جو ھڪ مثال آھي.
ھن وقت تائين بازياب ٿيلن مان ڪنھن ھڪ بابت بھ اھو نھ ڄاڻايو ويو آھي تھ ان کي ڪنھن اغوا ڪيو ھو ؟ اھو مغوي پوليس ڪھڙي طرح سان بازياب ڪرايو آھي ؟ ڪچي ۾ سرگرم ڪھڙن ڌاريلن جي ٽولي بازياب ڪرايل مغوي کي پاڻ وٽ رکيو ھو ؟اھڙي طرح جا ٻيا بھ ڪيترائي لاڳاپيل سوال پيدا ٿين ٿا، ھن کان اڳ جڏھن بھ ڪنھن مغوي کي بازياب ڪرايو ويندو ھو تھ ان بابت پوليس ھڪ رواجي ڪھاڻي ئي گھڙيندي ھئي،جنھن ۾ موجود جھول ان ڳالھھ جي نشاندھي ڪندا ھئا تھ ان جو حقيقت سان پري پري جو بھ ڪو تعلق نھ آھي.اھو سڀ ڪجهھ سنڌ ۾ ھڪ عرصي کان ٿيندو رھيو آھي ان ڪري عوام جا اھڙا خدشا ڪنھن بھ طرح غلط نھ آھن.
اسان اميد ڪريون ٿا تھ حڪومت جو گھرو وزير مٿي ذڪر ڪيل مونجھارن کي چٽو ڪندو ۽ انھن مغوين کي اغوا ڪندڙ وحشي ڌاڙيلن ۽ انھن کان بھ ٻھ ھٿ اڳيان انھن جي پڪي ۾ رھندڙ پاٿاريدارن کي خلاف ڪيل اعلان موجب ڪارروائي ٿيندي ۽ ان سان سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي ظلم سبب اڏامي ويل امن جو پکي وري واپس ورندو ۽ عام ماڻھو بنا خوف جي پنھنجي روزي روٽي جو بندوبست ڪري سگھندو.