ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات موسم خوشگوار ڪري  ڇڏي، ڪراچي جي لانڍي، ڪورنگي، شاهه فيصل ڪالوني، نارٿ ڪراچي، نيو ڪراچي ۽ سرجاني ۾ وسڪارو، حسن اسڪوائر، گلشن اقبال، ملير ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ به ڦڙڦڙوسندي رهي، مٽياري، ٻانڌي، کڏڙو، اڪري چودڳي، دولتپور صفن ۽ دريا خان مري ۾ به برسات پئي جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي وئي ۽ ماڻهن کي گرمي مان ڇوٽڪارو مليو، مانجهند، ڀٽ شاهه، قاضي احمد، هالا، سڪرنڊ، ملڪاڻي شريف، دوڙ، ڪڙيو گهنور، ڊگهڙي، ڇور، گپچاڻي ۽ ڀرپاسي ۾ وسڪاري سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، جڏهن ته بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو، عمرڪوٽ، نيو سعيد آباد، ٺري ميرواهه، پير وسڻ، شهدادپور، شاهپور چاڪر، دولتپور  ۾ پڻ مينهن وسندو رهيو، ڪنري ۾ برسات سبب اسڪول جي زبون حال عمارت جي ڇت جا چاپڙ ڪِري پيا، ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ برسات سبب گوڏي جيترو پاڻي بيهجي ويو، برساتن کي پڻ نقصان جو خدشو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.