ڪراچي(رپورٽر) ايس ايڇ آر سي ڪشمور اغوا ٿيلن مغوين جي آزادي نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو ، تڪڙا قدم کڻڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن ضلعي ڪشمور- ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيلن جي آزادي نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، ايس ايڇ آر سي انسپيڪٽر جنرل سنڌ پوليس رفعت مختار ۽ گهرو کاتي سنڌ کي خط لکي اغوا ڪندڙن جي آزادي ۽ امن امان جي صورتحال کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوري مداخلت جي اپيل ڪري ڇڏي، خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن هندو برادري ۽ سول سوسائٽي پاران ڪيل احتجاج جو جائزو وٺڻ ۽ ضلعي ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو جائزو وٺڻ لاءِ فيڪٽ فائنڊنگ مشن ضلعي ڪشمور-ڪنڌڪوٽ موڪليو ويو، حقيقت ڳولڻ واري مشن جي اڳواڻي ميمبر بورڊ سُخديو اسرداس هيمناڻي ڪئي ۽ ايس ايڇ آر سي ٽيم تي مشتمل هئي.،جائزو وٺڻ تي مشن کي پوليس عملن جي شفافيت، رجسٽرڊ ڪيسن جي کوٽ، اغوا ڪندڙن جي تعداد ۾ اختلاف ۽ مجموعي طور تي پوليس تعاون جي حوالي سان مقامي پوليس جي خلاف عوام ۾ وڌندڙ بي اعتمادي محسوس ڪئي وئي، ڪميشن اختيارين تي زور ڀريو آهي ته هو اغوا جي جاچ لاءِ فوري ۽ جامع قدم کڻن، باقي سمورن اغوا ٿيندڙن جي محفوظ واپسي کي آسان بڻائين ۽ ڪيسن جي رپورٽنگ ۽ حل ۾ رڪاوٽ بڻيل سسٽم، رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.