سنڌ سميت ملڪ ۾ بجلي چورن خلاف آپريشن جاري

ڪراچي(م ڊ) فيسڪو ريجن ۾ بجلي چورن خلاف سخت ڪاررواين ۾ سرڪل آفيس فيسڪو سرگوڌا هن وقت تائين 54 ايف آءِ ارز داخل ڪيون آهن، صوابي ۾ هن وقت تائين 14 لک رپين جي ريڪوري ڪئي وئي آهي، ان موقعي تي 22 بجلي چورن خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا آهن.نگران وزيراعظم جي حڪمن موجب ميپڪو ٽيمن بهاولنگر ضلعي جي پنج تعلقن چشتيان، هارون آباد، فورٽ عباس، منچن آباد، بهاولنگر ۾ بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون دوران 6 ڏينهن ۾ 123275 يونٽن جي بجلي چوري پڪڙي وئي آهي، بجلي چوري ڪندڙن تي 56 لک 47 هزار روپيا ڏنڊ لڳايو ويو آهي، هوڏانهن پشاور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (پيسڪو) جي ٽيمن بجلي چورن خلاف گرينڊ آپريشن ڪندي 700 کان وڌيڪ غير قانوني ڪنڊا لاٿا ۽ چوري ۾ ملوث تي 15 ملين روپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.