اسلام آباد(م ڊ) تريندر مودي جي قيادت هيٺ ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) جي هندو توا ڀارتي حڪومت ايندڙ سال ٿيندڙ عام چونڊون کٽڻ ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڀارت پنهنجي مذموم عزمن جي پڄاڻي لاءِ فالس فليگ آپريشنن جي هڪ گهنائوني تاريخ رکي ٿو ۽ آر ايس ايس جي حمايت يافته مودي حڪومت 2024ع ۾ چونڊن جي ڪاميابي لاءِ هڪ ٻيو آپريشن ڪري سگهي ٿو.
پسند جي شادي ڪندڙ دادو جي جوڙي کي خطرو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست
ڪراچي (رپورٽر) پيار پرڻو ڪندڙ دادو جي جوڙي جي زندگي خطري ۾، تحفظ لاءِ درخواست داخل، وارثن پاران قتل جون ڌمڪيون، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ دادو سان تعلق رکندڙ ممتاز علي ۽ ڪوثر تحفظ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي، درخواست گذار پريمي جوڙي جو چوڻ هو ته سندن حياتيون خطري ۾ آهن، تحفظ فراهم ڪيو وڃي، هنن چيو ته اسان پسند جي شادي ڪئي آهي، اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو اسان کي تحفظ فراهم ڪن، درخواست گذار ڪوثر جو چوڻ هو ته منهنجو ماٽيلو پيءُ مون کي وڪڻڻ چاهي پيو، ان ڪري مون پنهنجي رضا خوشي سان ممتاز سان شادي ڪئي آهي.
ڪراچي پوليس چيف خادم حسين رند جو سي پي ايل سي آفيس جو دورو
ڪراچي ( رپورٽر ) ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي خادم حسين رند ڪمشنر ڪراچي سليم راجپوت سان گڏ سي پي ايل سي آفيس گورنر هائوس جو دورو ڪيو ، سي پي ايل سي چيف زبير حبيب پنهنجي ٽيم سان گڏ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جو استقبال ڪندي خوشي جو اظهار ڪيو ، سي پي ايل سي چيف ڪمشنر ڪراچي ۽ ايڊيشنل آءِ جي کي ڪارڪردگي جي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ آفيس جو معائنو ڪيو،ملاقات ۾ پوليس ۽ سي پي ايل سي وچ ۾ گڏيل تعاون ۽ معلومات جي بروقت تبادلي کي يقيني بڻائڻ ۽ سيڪيورٽي سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس جي پڄاڻي تي ڪمشنر ڪراچي ۽ پوليس چيف کي گلن جا گلدستا ۽ شيلڊ پيش ڪئي وئي.
علي وزير خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ لاءِ نوٽيس، رڪارڊ طلب
اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب اڳوڻي ايم اين اي علي وزير خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ لاءِ ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪندي 18 سيپٽمبر تائين رڪارڊ طلب ڪري ورتو. گذريل ڏينهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب، علي وزير جي ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ ۽ حفاظتي ضمانت ڏيڻ جي درخواست تي ٻُڌڻي ڪئي. درخواستگذار طرفان عطاءُ الله ڪنڊي ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته ايف آءِ اي کان التوا هيٺ ڪيسن جو رڪارڊ طلب ڪيو وڃي. سرڪاري وڪيل ٻُڌايو ته پٽيشنر خلاف 4 ڪيس دخل آهن. عدالت ايف آءِ اي کان علي وزير خلاف داخل ڪيسن جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪندي ٻُڌڻي 18 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سماجي سڌارن سان قيدين جي انگ ۾ گهٽتائي ايندي: حارث نواز
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ نگران گهرو ۽ جيل واري وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز اڄ سينٽرل جيل ڪراچي جو اوچتو دورو ڪيو، جتي هن قيدين کي فراهم ڪيل سهولتن جو جائزو ورتو، هن مرد ۽ عورت قيدين جي بيرڪ جو معائنو ڪيو ۽ انهن جا مسئلا معلوم ڪيا ۽ قيدين سان جيل اسٽاف جي رويي بابت پڇيو، هن جيل جي باورچي خانه جو به معائنو ڪيو ۽ کاڌي جي معيار ۽ قيدين کي ڏنل روزاني کاڌي جي لسٽ به چيڪ ڪئي، گهرو وزير جيل جي مختلف حصن سميت اسپتال، ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر ۽ آرٽ گيلري جو دورو پڻ ڪيو. هن چيو ته قيدي به انسان آهن، انهن کي به بنيادي سهولتون ملڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته سماجي سڌارن سان قيدين جي انگ ۾ گهٽتائي ايندي.برگيڊيئر (ر) حارث نواز جيل جي صفائي سٿرائي تي زور ڏيندي لاڳاپيل اختيارين کي ان تي توجه ڏيڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي آءِ جي جيل انور مصطفيٰ ۽ سپرنٽينڊنٽ سينٽرل جيل حسن سهتو پڻ موجود هئا .
ساره انعام قتل ڪيس جي ٻُڌڻي ملتوي
اسلام آباد(م ڊ)ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج اعظم خان، ساره انعام قتل ڪيس جي ٻُڌڻي گواهه ايس ايڇ او جي غير حاضري سبب 21 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. گذريل ڏينهن فاضل عدالت ساره انعام قتل ڪيس جي ٻُڌڻي ڪئي ته ڪيس جي مرڪزي جوابدار شاهنواز اياز کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ساره انعام جو والد انعام الرحيم، شاهنواز جو والد اياز امير به عدالت جي ڪمري ۾ موجود هئا. ساره انعام طرفان وڪيل رائو عبدالرحيم جڏهن ته صفائي وارو وڪيل بشارت الله خان عدالت آڏو پيش ٿيا، گواهه ايس ايڇ او نواز علي طبيعت ٺيڪ نه هئڻ سبب پيش نه ٿي سگهيو، جنهن تي عدالت ڪيس جي ٻُڌڻي 21 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي